SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Blanket Immunity

(click word to listen sound
  • 🔊
  • blæŋkit
  • imjuːnitiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Blanket Immunity

بلئنڪِٽ اميونٽي

عدالتي مقدمن کان مڪمل تحفظ

سُفارتي زبان جو هي اصطلاح، ڪنهن به فرد کي عدالتي مُقدمي بازيءَ جو حصو بڻجڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪو به شخص جنهن کي اهڙو تحفظ حاصل هُجي، تنهن جي مٿان نه ڪو ديواني يا فوجداري ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو، نه ڪنهن استغاثه هيٺ اچي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪا سزا ڀوڳي سگهي ٿو. عام طور تي اهڙو حق سفارتي حلقن کي حاصل هوندو آهي، تنهنڪري کانئن ٿيل ڪنهن به ديواني يا فوجداري ڏوهه سبب، مٿن ميزبان رياست جو روايتي قانون لاڳو نه ٿي سگهندو آهي. تحفظ جي ان دائري ۾، سفارتخاني جو انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل عملو شامل هوندوآهي. ”ويانا ڪنوينشن“ جي آرٽيڪل 29 مطابق، سفارتي عملي جي ڪنهن به فرد کي گرفتار يا عدالتي مقدمن ۾ ملوث نٿو ڪري سگهي. اهڙو عمل عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي سمجهي ويندي. ”مقدمن کان مُڪمل تحفظ“ وارو تصور ڪافي پُراڻو آهي، پر 1961ع ۾ ويانا ڪنوينيشن تحت بين الاقوامي قانون مطابق، ان سلسلي ۾ تجديد ڪئي وئي. ان تجديد مطابق، جيستائين سفارتڪار جي حڪومت سندس مرتبي کي رد نه ٿي ڪري، تيستائين ڪنهن به مقدمي ۾ سفارتڪار کي عدالت ۾ گهلي نٿو سگهجي. 1963ع ۾ ”ويانا جي قونصل ڪنوينشن“ تحت اهڙي تحفظ کي وڌيڪ واضح ڪندي، سفارتخانن سان لاڳاپيل قونصلخانن کي به ساڳئي قسم جون مراعات ڏنيون ويون


Remember Me Also:

لوهه جا ڪلا

لوههَ جا ڪِلا

ڪاٺيءَ ۾ ڦاسائي جنڊيءَ ڦيرائڻ لاءِ ڪم ايندڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal